استاد امير علي خان

استاد امير علي خان

استاد امير علي خان

استاد امير علي خان: سنڌ جو مشھور راڳي، امير علي خان'>استاد امير علي خان، 1961ع ڌاري، سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾، استاد رمضان عليءَ جي گهر ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول ۽ انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ننڍي هوندي کان وٺي راڳ سان دلچسپي هئس. ابتدائي سکيا، پنھنجي پيءُ استاد رمضان عليءَ کان ورتي. بعد ۾ خانصاحب تان رس خان جي ڏوهٽي، استاد واحد حسين خان کان باقاعدي راڳ سکيو. موسيقار نياز احمد خان کان ڪمپوزيشن جي تربيت وٺي 1984ع ۾، پي. ٽي. وي ڪراچي مرڪز تي اسسٽنٽ ڪمپوزر مقرر ٿيو. هن وقت تائين سندس گيتن جا 9 کان وڌيڪ البم اچي چڪا آهن. هن لطيف سائينءَ جي شاعريءَ کي چئن ٻولين ۾ ڳائي، “Latif is Great” جي عنوان سان هڪ البم جاري ڪيو. امير علي خان، ”سُر شاهه، سمنڊ“ جي نالي سان موسيقيءَ متعلق هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو سنڌي لئگئيج اٿارٽي پاران 2007ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ هن لطيف سائينءَ جي اهم راڳن بابت ڄاڻ ڏني آهي. ان کانسواءِ ”شاھه جو راڳ“ ٻن جلدن تي مشتمل پڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب تي کيس اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ پاران 2017ع ۾ روڪ رقم ۽ اوارڊ ڏنو ويو. ان کانسواءِ کيس ’ورلڊ ميوزڪ ڪانفرنس اوارڊ‘ (دهلي: 2004ع)، ’ڪي. ٽي. اين چئنل فرسٽ سنگر اوارڊ‘ (2003ع) ۽ ’حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ‘ (2012ع) پڻ ملي چڪا آهن. ڪجهه وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾، موسيقيءَ جي استاد طور شاگردن کي سکيا پڻ ڏني. استاد امير علي جا ’رنگ موسيقي خوشبو‘ ۽ ’ساز آواز ۽ سکيا‘ نالي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن.


لفظ استاد امير علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

: ناميارو نوجوان راڳي، استاد امير علي خان، 1961ع ڌاري، سخي پير ڪالوني حيدرآباد ۾، استاد رمضان عليءَ جي گهر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش قادري
بگو جروار استاد
سليمت هاليپوٽو
مير مراد علي خان ٽالپرعلي
ڏيرو رسول بخش
پير عبدالستار جان سرهندي
حسن خوشنويس
امام بخش خان مير
رام گيانچنداڻي
فدا سرهيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون